سنڌ ۾ جاگيرن جي تاريخ

سنڌ ۾ جاگيرن جي تاريخ

سنڌ ۾ جاگيرن جي تاريخ

سنڌ ۾ جاگيرن جي تاريخ (ڪتاب): هي ڪتاب ليکڪ ۽ مترجم حسين بادشاهه جو ترتيب ڏنل آهي، جنهن ۾ ليکڪ ٽالپر دور، انگريز دور ۽ قيام پاڪستان جي شروعاتي دور جي جاگيرداري سرشتي بابت مختلف مؤرخن جو مواد، انگريز سرڪار پاران گڏ ڪيل رڪارڊ، رايا، تجربا ۽ تاريخ، جامع انداز ۾گڏ ڪري ۽ ڪافي مواد ترجمو ڪري ڪتابي صورت ۾ آندو اٿس. ’پنهنجي پاران‘ ۾ ليکڪ لکي ٿو ته: ”اسان وٽ عام طور اهو تاثر آهي ته ماضيءَ ۾ سماجي طور سنڌ اندر سدائين قبيلائي ۽ جاگيرداري سرشتو رهيو آهي، مقامي ماڻهو سست رهيا آهن. ورهاڱي وقت سنڌي ماڻهن ۾ معروضي حالتن جو تجزيو ڪرڻ جي صلاحيت نه هئي. هاڻوڪي ڏکن، غربت، بدحالي ۽ پسماندگيءَ جو ذميوار جاگيرداري نظام آهي، پر سنڌ جي تاريخ ۽ اقتصادي، سياسي، سماجي، ثقافتي حالتن ۽ معاملن جو جائزو وٺڻ سان مٿينءَ ڳالهه جو جواب انڪار ۾ ملي ٿو، تنهنڪري ضروري آهي ته ان صورتحال کي سمجھڻ جي لاءِ جاگيرداري نظام کي ان جي تاريخي پس منظر ۾ ڏسجي.“
هن ڪتاب جي شروعات ۾ ليکڪ ٽالپرن جي اقتدار ۾ اچڻ، جاگيرداري سرشتي، محصول جي سرشتي، زرعي پيداوار، هارين جي زندگيءَ جو معيار، جاگيردار طبقو، برطانوي ۽ پاڪستاني دور ۾ جاگيردارن جي تاريخ وغيره جهڙو مواد سهيڙي ڪتاب کي ٻن حصن، جلد پهرئين ۽ جلد ٻئي کي گڏي ڇپرايو آهي، جيڪي حصا وري مختلف بابن ۽ ڀاڱن تي مشتمل آهن. هن ڪتاب ۾ ليکڪ ٽالپر، انگريز ۽ پاڪستان جي دور ۾ جاگيرداري سرشتي تي نظر وجھڻ کان سواءِ ان دور جي وڏن جاگيردارن جو مختصر تعارف به ڏنو آهي. 607 صفحن تي مشتمل، ڊيمي سائيز جو هي ڪتاب، روشني پبليڪيشن 2005ع ۾ ڇپائي پڌرو ڪيو آهي، ان جي قيمت 300 روپيا آهي.


هن صفحي کي شيئر ڪريو